سيد غوث علي شاهه

سيد غوث علي شاهه

سيد غوث علي شاهه

سيد غوث علي شاهه: سنڌ جو ناميارو قانوندان، تجربيڪار پـارليـاميـنٽيـرين، ادب ۽ ثقافت جو سرپرست ۽ اڳـوڻـو جـسـٽـس، سيد غوث علي شاهه، پهرين جنوري 1934ع تي خيرپورميرس جي ڀرسان ڳاڙهي موري نالي ڳوٺ ۾، هڪ معزز سيد خاندان ۾ ڄائو. 1950ع ڌاري ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان امتيازي حيثيت ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ جي سنڌ مسلم ڪاليج مان گريجوئيشن
(1955ع) ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي جي ڊگري (1957ع) حاصل ڪيائين. 1957ع کان 1979ع تائين وڪالت ۾ محنت سان نالو ڪڍيائين، جنهنڪري سندس شمار ملڪ جي مشهور فوجداري وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو. لاڳيتو ڇهن سالن تائين خيرپور ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر ٿي رهيو. قومي سطح تي پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ 1974ع ۾ ضلعي بار ائسوسيئيشن خيرپور جو صدر، ساڳئي سال پاڪستان بار ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1975ع ۾ وائيس چيئرمئن چونڊيو. 19 جولاءِ 1979ع تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو.
سيد غوث علي شاهه جي خدمتن ۽ صلاحيتن جي پيش نظر 1981ع ۾ کيس تعليم، ثقافت، سياحت، راندين ۽ قانون جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. ان دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سرپرستيءَ سان گڏ هڪ ڪروڙ روپين جي رقم سان بورڊ لاءِ جديد ترين آٽوميٽڪ آفسيٽ پرنٽنگ مشينريءَ جي جرمنيءَ مان درآمد ۽ ڪمپيوٽرن ذريعي فوٽو ٽائيپ سيٽنگ سسٽم جي تنصيب سندس نهايت ڳڻپ جوڳا ترقياتي ڪارناما آهن. ان طرح سچل اڪيڊميءَ جو قيام ۽ سچل سرمست ڪلچرل ڪامپليڪس جي تعمير سندس ئي ذاتي دلچسپيءَ سان ٿي. سـٺ واري ڏهـاڪـي کان وٺـي سـچـل سـرمـسـت يـادگار ڪـميٽيءَ ۾ آغا عبدالنبي عليگ، ايم. ڊي. لالا، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سيد قائم علي شاهه، تنوير عباسي، هادي بخش لاڙڪ ۽ ٻين علمي ڪارڪنن سان گڏ متحرڪ ۽ سرگرم رهيو. وزير تعليم ۽ ثقافت واري دور ۾ سچل نيشنل سيمينار، رني ڪوٽ سييمينار، منصوره سيمينار، ڀنڀور سيمينار، سنڌي ادب سيمينار، سکر بئراج گولڊن جوبلي تقريب وغيره کي سندس سرپرستي حاصل رهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌ آرڪائيوز ڪامپليڪس جو سنگ بنياد ۽ ان جو قيام سندس علمي ڪاوشن جو ثبوت آهي. 85-1984ع ڌاري قانون، مقامي حڪومت ۽ ڳوٺاڻي ترقياتي کاتن جو صوبائي وزير رهيو. صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجڻ کانپوءِ قائد ايوان جي حيثيت ۾ 1985ع کان 1988ع تائين سنڌ جو وزيراعليٰ رهيو. ان دوران سندس دلچسپيءَ سان شاهه لطيف ڪئمپس خيرپور کي مڪمل يونيورسٽيءَ جو درجو مليو.
سيد غوث علي شاهه، 1991ع ۾ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجڻ کانپوءِ 1993ع تائين پاڪستان جو وزير دفاع رهيو. بعد ۾ 1997ع ۾ قومي توڙي صوبائي ٻنهي سيٽن تي ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ صوبائي نشست تان استعيفا ڏنائين ۽ مرڪز ۾ 1999ع تائين وفاقي وزير تعليم ٿي رهيو. ستت ئي کيس سنڌ سرڪار جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ وزيراعظم پاڪستان جو مشير (چيف ايگزيڪيوٽوِ) مقرر ڪيو ويو، جـنهـن عـهـدي جا اختيار وزيراعليٰ وارا ۽ رتبو وفاقي وزيـر جي برابر هو. 12 آڪٽوبر 1999ع تي فوج جي سربراهه جنرل پرويز مشرف اسيمبليون ٽوڙي اقتدار تي قبضو ڪري ورتو ۽ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، جنهنڪري سيد غوث علي شاهه ڪيترو وقت ڪـيسن کي منهن ڏيندو رهيو. آڪٽوبر 2001ع کان آگسٽ 2008ع تائيـن علاج ۽ آرام خاطر لنڊن ۾ مقيم رهيو.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي هڪ سينيئر رهنما جي حيثيت ۾ کيس مختلف وقتن تي سنڌ صوبي جو پارٽي صدر مقرر ڪيو ويو. ان عهدي تي 2013ع جي آگسٽ تائين سرگرم رهيو ۽ 30 آگسٽ 2013ع تي اخبارن موجب هُن پارٽيءَ سان اختلافن سبب صوبائي صدر مسلم ليگ (ن) تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي.
تازو پاڪستان جي صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) طرفان ’صدر مملڪت‘ لاءِ جيڪي نالا اميدوار طور ظاهر ڪيا ويا هئا، تن ۾ غوث علي شاهه جو نالو به هو، پر بعد ۾ اهو واپس وٺي، صدارت لاءِ ممنون حسين کي مقرر ڪيو ۽ کيس صدر چونڊايو ويو. ساڳئي عرصي ۾ سنڌ جي گورنر طور مقرريءَ لاءِ پڻ سندس نالو گردش ۾ رهيو، پر ائين پڻ نه ٿي سگهيو. نتيجي ۾ قيادت سان ٿيل اختلافن سبب پاڻ تازو پارٽيءَ جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.
سيد غوث علي شاهه کي سچل سرمست ۽ علامه اقبال سان خصوصي لڳاءُ رهيو آهي. هڪ دور ۾ اقبال اڪيڊميءَ طرفان هر سال لاهور ۾ ’بزم اقبال‘ جي پروگرامن ۾ کيس خصوصي مقرر طور ڪوٺيو ويندو هو. اقبال تي نمايان علمي خدمتن جي اعتراف ۾ 1979ع ۾ کيس ’علامه اقبال صدي جشن تقريبات‘ ۾ گولڊ ميڊل ڏنو ويو. 1978ع ۾ جرمنيءَ جي هائيڊلبرگ يونيورسٽيءَ کيس اقبال تي خطاب لاءِ دعوت ڏني، جتي هن ’علامه اقبال- مشرق ۽ مغرب جو سنگم‘ جي موضوع تي جامع ليڪچر ڏنو. سندس ذاتي ڪتبخاني ۾ ڪتابن جو هڪ قابل قدر ذخيرو موجود آهي.


لفظ سيد غوث علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.01.01  عيسوي

سنڌ جو ناميارو قانوندان، تجربيڪار پـارليـاميـنٽيـرين، ادب ۽ ثقافت جو سرپرست ۽ اڳـوڻـو جـسـٽـس، سيد غوث علي شاهه، پهرين جنوري 1934ع تي خيرپورميرس جي ڀرسان ڳاڙهي موري نالي ڳوٺ ۾، هڪ معزز سيد خاندان ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارنيسٽ مئڪي ڊاڪٽر
جلباڻي غلام حسين پروفيسر
شادي شهيد فقير
راجا ظفرالحق
زاهد حسين
جمن احمداڻي
ايوب خان
عالمچند ڪولهي
جوزف سلاڊن
اسراني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون